اسلام آباد (م ڊ) سعودي عرب 12 هزار افغان شهرين وٽان جعلي پاڪستاني پاسپورٽ هٿ ڪري ورتا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان شهرين کي پاڪستاني پاسپورٽ جعلي سڃاڻپ ڪارڊز تي جاري ڪيا ويا هئا، جعلي پاسپورٽ ٺهرائيندڙ گروهه جي مک جوابدار کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو. پاسپورٽ ڊائريڪٽوريٽ اسلام آباد جي هڪ حاضر سروس ۽ هڪ ريٽائرڊ ملازم کي به گرفتار ڪيو ويو. عملدارن جو چوڻ آهي ته معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ نادرا ڊيٽا به ڪائونٽر چيڪ ڪري رهيا آهيون. پاڪستاني پاسپورٽ اينڊ اميگريشن اختيارين جو چوڻ آهي ته پاسپورٽ ڊائريڪٽوريٽ پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي، ڪيس جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ نادرا اڪائونٽنٽ جي ڊيٽا به چيڪ ڪئي پئي وڃي.