حڪمران افغانين کي ڪڍڻ لاءِ سنجيده ناھن: رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جو اعليٰ سطحي اجلاس قاسم آباد ۾ پارٽي چئيرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پارٽي وائيس چئيرمين نواز شاهه ڀاڏائي، ايڊوڪيٽ عامر عمراڻي، راوت چانڊيو، ممتاز آريسر باغي ڪالرو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا اجلاس کي خطاب ڪندي محاذ سربراھ رياض علي چانڊيو چيو ته حڪمران افغانين کي ڪڍڻ لاءِ سنجيده ناھن سنڌ ڌارين جي عتاب ھيٺ آھي، سنڌ ۾ پوليس افغانين کي گرفتاري ڪري رشوت عيوض آزاد ڪري رھي آھي، افغانين جي نيڪالي لاءِ ورتل اپاءُ ناڪافي آھن ڳڻتي جو اظھار ڪريون ٿا، 15 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ افغانين سميت سمورن ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج ڪنداسين، سنڌين کي ھيٺئين درجي جو شھري بڻائڻ  لاءِ حڪومتي سطح تي سازشون ڪيون ويون آھن سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ لاءِ افغانين بھاري برمي بنگالين سميت وڏي انگ ۾ ماڻھو ھتي آباد ڪيا ويا جيڪي اڄ ايترا طاقتور ٿي چڪا آھن جو نه فقط منشيات ھٿيار کپائين ٿا اسمگلنگ جو ڌنڌو ڪن ٿا پر سري عام سنڌين کي گولين جي بک بڻائين ٿا، هن چيو ته سنڌ ۾ڌاريان قبول ناھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.