والاريل بيت المقدس(م ڊ) فلسطيني صحت واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته غزه جي پٽي تي اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 447 ٻارن ۽ 248 عورتن سميت 1400 فلسطيني شهرين جي شهادت جي تصديق ڪئي وئي آهي. فلسطيني خابرو اداري موجب فلسطيني صحت واري وزارت هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته طوفان الاقصي آپريشن ۾ زخمين جو تعداد 6هزار کان وڌي ويو آهي،اسرائيلي جي وحشياڻي بمباري جي شروعات کان 447 ٻار ۽ 248 عورتون شهيد ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ طبي عملو شهيد ٿيو آهي، هوڏانهن اسرائيلي دفاعي فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل هرزي حلوي ڇنڇر جي صبح غزا پٽي جي آسپاس جي علائقن ۾ پنهنجي شهرين جي سلامتي روڪڻ ۾ ناڪام رهياسين، اسان حماس جي حملن مان سبق حاصل ڪنداسين، هن ٻڌايو ته پيشيوراڻي ذميوارين دوران اسرائيل جي بمباري سبب 8 صحافي شهيد ۽ 20 سخت زخمي ٿيا آهن، هن ٻڌايو ته فلسطينين جي ڪاررواين ۾ 1300 يهودي مارجي ويا ۽ 6268 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن ۽ زخمين ۾ سوين شديد زخمي ۽ زندگي ۽ موت جي چواٽي تي آهن، هوڏانهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه جي پٽي ۾ طبي سامان، خوراڪ، ٻارڻ ۽ ٻي امداد پهچائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته امدادي ڪارڪنن جي علائقي ۾ پهچ يقيني بڻائڻ گهرجي. ترڪيه جي خابرو اداري موجب هن چيو ته گڏيل قومون غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن تڪرار جي سمورن ڌرين کي چيو ته هو غزه جي پٽي ۾ بي يارو مددگار فلسطينين کي هنگامي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن سان تعاون ڪن. هن عالمي برادري کي ان ڪوشش لاءِ فوري طور تي امداد گڏ ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي، انتونيوگوتريش چيو ته هو پاڻ ۽ وچ اوڀر امن عمل لاءِ گڏيل قومن جي رابطه ڪار ۽ خطي جي اڳواڻن سان رابطي ۾ آهي ته جيئن ڇڪتاڻ کي خطي ۾ وڏي پئماني تي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. هن چيو ته کيس فلسطينين جي جائز شڪايتن ۽ اسرائيل جي پنهنجي سلامتي جي حوالي سان خدشن جو احساس آهي تنهن هوندي به ڌريون شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائين ۽ رتوڇاڻ، نفرت ۽ ويڇي جو خاتمو ڪن. هن اسرائيل طرفان غزه تي فضائي بمباري ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 1200 کان وڌيڪ فلسطينين جي موت ۽ 5 هزار کان وڌيڪ جي زخمي ٿيڻ جي اطلاعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل تڪراري ڌرين کي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ جو چيو جتان واپسي نه ٿي سگهي ۽ جنهن سان انتهاپسند مضبوط ٿين ۽ پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جا امڪان ختم ٿيڻ جو خدشو آهي،جڏهن ته گڏيل قومن جي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) چيو آهي ته غزه جي صورتحال تباهي واري ٿي وئي آهي ڇاڪاڻ ته گهيري ۾ آيل شهر ۾ خوراڪ، پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي مسلسل گهٽجندي پئي وڃي، سعودي خابرو اداري موجد گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام جي فلسطين ڪنٽري آفيس ۾ ڪميونيڪيشن ۽ انفارميشن مينيجمينٽ جي سربراهه عاليه ذڪي چيو ته غزا ۾ خوراڪ، پاڻي ۽ بجلي ختم ٿيڻ تي آهي ۽ صورتحال تباهي آڻيندڙ ٿي وئي آهي. هن چيو ته غزه ۾ تباهه ٿيل انفرااسٽرڪچر خوراڪ جي پيداوار ۽ دڪانن ۽ بيڪرين ۾ خوراڪ جي ورهاست ۾ شديد رڪاوٽون پيدا ڪري ڇڏيون آهن ۽ ڊبليو ايف پي ان صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيو آهي، ڊبليو ايف پي جي نگراني هيٺ اڌ دڪانن ۽ بيڪرين ۾ هڪ هفتي اندر کاڌو ختم ٿي ويندو، اهي ماڻهو جيڪي اڃان به ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي به بجلي جي بار بار بندش سان خوراڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي. گڏيل قومن جي اندازي موجب غزه جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي پهرين ئي غربت جي زندگي گذاري رهي آهي، عاليه ذڪي موجب ڊبليو ايف پي پهرين ئي غزه ۽ اولهندي ڪناري جي 8 لک کان وڌيڪ ماڻهن جو خوراڪ، پاڻي ۽ ضروري شين تائين رسائي کان محروم آهن، کي خوراڪ جي هڪ اهم لائف لائن فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ هنگامي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڊبليو ايف پي غزه ۾ امداد پهچائڻ لاءِ انساني همدردي جي بنيادي تي راهداري کي کولڻ جو مطالبو ڪري ٿو، سرحدن کي کليو رکيو وڃي ۽ بارود کان محفوظ رکڻ به ضروري آهي.هوڏانهن پاڪستان غزا تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪندي جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي.