ڪوٽڙي: جعلي ڊوميسائل جو ڏوهه ثابت، اسرار پٺاڻ کي 3 سال سزا

ڪوٽڙي( رپورٽ: جبار ڪابورو) ڄامشورو ضلعي جي جعلي ڊوميسائيل ذريعي ۽ سنڌ يونيورسٽي جون ڊگريون  مينيج ڪري آءِ بي  اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ سوات جي علائقي  شانگلا واسي اسرار خان پٺاڻ کي ڪنزويومر پروٽيڪشن ڪورٽ جي جج مختيار جکراڻي جي عدالت  جعلي ڊوميسائيل رکڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي اسرار پٺاڻ کي ٽن سالن جي سزا  ٻڌائي ۽ 10 هزار رپيا ڏنڊ وڌو آهي، ياد رهي ته 2 سال اڳ ڄامشوري ضلعي جي منظور آباد واري علائقي ڪول مائينز ۾ رهندڙ سوات واسي اسرار پٺاڻ ڄامشورو ضلعي جي ڊوميسائيل ذريعي آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪري ماستر بڻجي ويو هو، عوامي آواز ۽ سوشل ميڊيا تي آواز اٿڻ بعد پهرين جون 2022 تي ڪوٽڙي تي ڊي اي او آفيس جي سپريڊينٽ جي فرياد تي اسرار خان پٺاڻ مٿان جعلسازي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ايڊوڪيٽ فهيم احمد انڙ ڪيس وڙهندي نيٺ جوابدار اسرار خان پٺاڻ مٿان جعلي ڊوميسائيل رکڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 2 سال جي سزا ٻڌائي 10 هزار ڏنڊ وڌو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.