اسان ٻارن کي ناهيون ماريندا، مغربي ميڊيا اصل ڏهارين کي سامهون آڻي: حماس

والاريل بيت المقدس(م ڊ) اسلامي تحريڪ مزاحمت (حماس) ۽ ٻين فلسطيني  مزاحمتي قيادت اولهه ميڊيا ۽ اسرائيل طرفان ٻارن کي نشانو بڻائڻ جي منفي پروپيگنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. فسلطيني خابرو اداري موجب مزاحمتي قيادت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اولهه ميڊيا اسرائيل جي گمراهه ڪندڙ بياني تي يقين ڪري حقيقتن کان منهن ڦيري رهي آهي. اولهه ميڊيا کي گهرجي ته هو صيهوني رياست جي بياني تي ڪن ڏيڻ بدران پيشوراڻو طريقو اختيار ڪري ۽ ٻارن کي نشانو بڻائڻ بابت افواهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري خبرون جاري ڪري. هن ڪجهه اولهه ميڊيا جي ذريعن طرفان اٿاريل من گهڙت الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي جيڪو فسلطيني عوام ۽ ان جي مزاحمت خلاف ڪوڙ ۽ الزام سان ڀريل اسرائيلي بياني کي غير پيشوراڻي طور تي اختيار ڪن ٿا.هن چيو ته هٿين خالي ۽ معصوم شهرين ۽ ٻارن کي بي دردي سان قتل ڪرڻ جو ڪم اسرائيلي رياست جو آهي

  • فلسطينين کي پنهنجي آزاد رياست ٺاهڻ جو حق آهي: پيوٽن

ماسڪو(م ڊ) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن  چيو آهي ته فلسطيني پنهنجي سرزمين تي رهن ٿا کين پنهنجي آزاد رياست قائم ڪرڻ جو حق آهي، اسرائيل طرفان فلسطينين کي مصر ڇڏڻ جو مطالبو امن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. سعودي ميڊيا جي ذريعن موجب روس جي صدر انٽرويو ۾ چيو ته سندن لاءِ اندازو لڳائڻ مشڪل آهي، فلسطيني جنهن سرزمين تي رهن ٿا اها تاريخي طور تي سندن پنهنجي سرزمين آهي، فلسطينين کي پنهنجي هڪ آزاد رياست ٺاهڻ جو حق آهي، هن اسرائيل ۾ تشدد کي خوفناڪ قرار ڏيندي چيو ته فلسطيني رياست جي قيام جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ کانسواءِ تڪرار حل نٿو ٿي سگهي، هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته اسرائيلي آبادڪاري جي پاليسي وچ اوڀر ۾ تشدد جي ڀڙڪڻ جو هڪ وڏو سبب آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.