پوليس جي عزت ناهي رهي، رياست ڪرپشن ۽ اسمگلنگ ۾ مدد پئي ڪري: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا آهن ته پوليس جي عزت ناهي رهي، لڳي ٿو ته ڪرائي جي پوليس بڻجي وئي.سپريم ڪورٽ ۾ ڪميٽي  ۾ 70 تولا سون ملڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو پوليس هاڻ ڪرائي جي پوليس بڻجي وئي آهي، پوليس جي هاڻ عزت ناهي رهي، اداري جي عزت هجڻ گهرجي، پوليس جو شاهي سسٽم ختم ٿيڻ گهرجي. ايڊيشنل پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته سون جي ڪميٽي نڪرڻ تي ادا ئگي نه ڪئي وئي، فريادي چيو ته 10 گرام ڪميٽي ۾ نڪرندڙ 70 تولا سون نه ڏنو ويو. چيف جسٽس چيو ڏيڍ ڪروڙ ماليت سون جو ڪو انڪم ٽيڪس ادا نه ڪيو ويو، اهو سون ڪٿان ايندو آهي؟ ان جي قانوني حيثيت ڇا آهي؟ رياست ڪرپشن ۽ اسمگلنگ ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي، ان ڪيس ۾ اصل جوابدار ته پوليس کي بڻائڻ گهرجي، پوليس وارو سون جو رڳو پنهنجي مطلب لاءِ ئي پڇندو، ڪميٽي گرفتار جوابدار ٺاهي، پڇا ڳاڇا گهرڀاتين کان ٿي. سپريم ڪورٽ غير معياري جاچ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سون جي ڪميٽي ۾ گرفتار جوابدار جي ٻه لک رپين جي مچلڪي عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.