دائو جهانپور ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

جيڪب آباد ( ڊر) دائوجھانپور ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن وچ شهر ۾ فائرنگ ڪري ڏني، هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، تاجوديرو ٿاڻي  جي حد دائوجهانپور شهر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي ڪالو ميرالي کي قتل ڪري ڇڏيو فائرنگ سبب شهرين ۾ ڀاڄ پئجي ويو، واقعي بعد جوابدارن پاران فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس پاران بروقت ڪاروائي ڪندي جوابدارن جو پيڇو ڪري هڪ ڪلاڪ جي مقابلي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد پوليس اهلڪارن جوابدار شمن ميرالي کي هڪ ڪارتوسي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو، پوليس پاران مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو اطلاع ملڻ تي مقتول جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي تاجوديرو پوليس ٻڌايو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃ ، ٻئي پاسي اطلاع آهن ته واقعو ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.