نوازشريف جي واپسي ڪنهن ڊيل جو حصو ناهي: نگران وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڏيهه واپسي ۾ ڊيل واري تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت ڪنهن ڊيل جو حصو ڇو ٿيندي؟ نواز شريف عدالتي فصلي تحت پرڏيهه ويو ۽ وطن واپسي تي کيس ڪجهه سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو.خابرو اداري اي پي پي موجب خانگي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽروويو ۾ نگران وزير اعظم انوار  الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت ن ليگ لاءِ ڪو نرم رويو نٿي رکي، هن چيو ته اسرائيل هڪ غاصب رياست آهي، ان کي تسليم نه پيا ڪريون، اسان ڪنهن به قسم جي پناهگيرن کي نه پيا ڪڍون بلڪه رڳو غيرقانوني طور ترسيل ڌارين کي ڏيهه نيڪالي ڏئي رهيا آهيون،اليڪشن ڪميشن پنهنجي مشق گهڻي حد تائين پوري ڪري چڪي اهي، جنوري ۾ اليڪشن سان مطمئن آهيان

  • پوليس گم ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام، عدالت طرفان ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر) پوليس گم ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، عدالت جو  پوليس جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 10 گم ٿيل ماڻهن جي آزادي جي حوالي سان ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس هڪ فارملٽيز مڪمل ڪندي آهي ٻيو ڪجهه نه ڪري رهي آهي، گم ٿيل جاويد جي امڙ چيو ته منهنجو پٽ 7سالن کان گم آهي .اسان کي معاوضو به نه مليو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس عملدارن ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.