سعودي ولي عهد سان ايراني صدر جو رابطو، فلسطين صورتحال تي ڳالهيون

رياض (م ڊ ) سعودي عرب جي ولي عهد ۽  وزيراعظم محمد بن سلمان سان ايراني صدر ابراهيم رئيسي ٽيلي فون تي رابطو ڪيو ۽ غزه ۽ ان جي پسگردائي ۾ جاري ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . برطانوي اخبار مطابق سعودي ولي عهد غزه جي صورتحال تي ڳالهين ۾ امن لاءِ اهڙين ڪوششن جو ورجاءِ ڪيو جن مان فلسطيني عوام کي جائز حق ميسر ٿي سگهن . اهو رابطو اهڙي وقت ۾ ٿيو جڏهن فرانسيسي خابرو اداري رپورٽ ۾ غزه اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته هڪ هزار فلسطيني اسرائيلي هوائي حملن ۾ زندگي وڃائي ويٺا آهن سعودي ولي عهد ان ڳالهه جو ورجاءِ ڪيو ته سعودي عرب ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ سمورين عالمي ۽ علائقائي ڌرين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.