”افغانين کي نيڪالي ڏيو“ شاهپور چاڪر ڀرسان سوين علائقي واسين جو ڌرڻو

شاهپورچاڪر (ن ع آ) افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ لاءِ شاهپورچاڪر ڀرسان چودڳي اسٽاپ تي سوين علائقي واسين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، شاهپورچاڪر پوليس اسٽيشن جي حد  ۾ پنجاھ کان مٿي سرن جا بٺا آهن جتي ٻڌايو پيو وڃي ته غير قانوني طور تي هڪ سئو کان مٿي افغاني موجود هئڻ جا اطلاع آهن جتي سانگهڙ جي پوليس ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪري، افغانين خلاف چودڳي ڳوٺ مئا ڇورا گپچاڻي ۽ مقصودو جي سوين ماڻهن افغاني پٺاڻن جي ناجائيزين ۽ غير قانوني رهائش خلاف احتجاج ڪيو ويو، احتجاج سبب نوابشاهه، شهداپور، سانگهڙ ۽ سرهاري روڊ بند ٿي ويو، محمد حيات زرداري، محبوب زرداري ۽ ٻين چيو ته چودڳي کان وٺي شاهپورچاڪر تائين افغانين پٺاڻن پاران سرن جا ناجائز بٺا قائم ڪري انهن ۾ رٻڙ جي چپلن سميت انساني جانين لاءِ نقصان ڪار ڪچرو ساڙيو پيو وڃي، وفاقي توڙي سنڌ  سرڪار جي وارننگ بعد به هنن تي ڪو اثر ناهي ۽ هنن هتي جي عوام کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، ماحول دشمن ڪچرو ساڙڻ جو منع ڪرڻ تي افغانين پاران موتمار ڌمڪيون ڏنيون ٿيون وڃن، مظاهرين مطالبو ڪيو ته  افغاني پٺاڻن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري علائقي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ بيمارين کان بچايو وڃي، هنن کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.