آءِ ايم ايف جي مالي خسارو هدف کان 1137 ارب رپيا وڌيڪ هجڻ جي اڳڪٿي

اسلام آباد(م ڊ)  آءِ ايم ايف پاڪستان بابت مالياتي مانيٽر رپورٽ 2023 جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو مالياتي خسارو هدف کان 1137 ارب وڌيڪ آهي. انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) اڳڪٿي ڪئي آهي ته پاڪستان جو مالياتي خسارو  (ملڪ جي ڪل وسيلن ۽ خرچن ۾ فرق) هلندڙ مالي سال دوران جي ڊي پي جو 7.6 سيڪڙو هوندو، جيڪو وفاقي حڪومت طرفان مقرر ڪيل 6.5 سيڪڙو  هدف کان 1.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب آءِ ايم ايف جو اهو تخمينو وفاقي حڪومت کان 600 ارب روپين جي ڪيش سرپلس کي مدنظر رکندي حڪومت جي بجيٽ هدف کان 0.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. وفاقي حڪومت هلندڙ سال مجموعي مالياتي خساري جو اندازو 69 ٽريلين رپيا (جي ڊي پي جو 6.5 سيڪڙو) ان اميد تي لڳايو هو ته صوبا وفاقي خسارو گهٽائڻ لاءِ 600 ارب رپيا اضافي فراهم ڪندا، ٻي صورت ۾ ان جو اندازو 75 کرب رپيا لڳايو ويو هو. آءِ ايم ايف هلندڙ مالي سال پاڪستان جي بجيٽ خسارو 8.2 ٽريلين رپين جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جيڪو جي ڊي پي جو 7.6 سيڪڙو آهي، جيڪو حڪومتي هدف کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان بابت مالياتي مانيٽر رپورٽ 2023 جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو مالياتي خسارو هدف کان 1137 ارب وڌيڪ آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب 24-2023ع ۾ پاڪستان جو خسارو 8 هزار 42 ارب رپين تائين پهچي ويندو. اهڙي طرح سرڪاري قرض مالي سال 2023ع لاءِ جي ڊي پي جي 71.6 سيڪڙو جو اندازو لڳايو ويو آهي، جيڪو هلندڙ سال ۾ گهٽجي 68.3 سيڪڙو تي اچي ويو آهي ۽ مالي سال 2028ع تائين بتدريج جي ڊي پي جي 61.8 سيڪڙو تائين پهچي ويندو. آءِ ايم ايف موجب پاڪستان جي پينشن جي خرچن ۾ هاڻ ۽ مالي سال 2023 جي وچ ۾ سالياني بنيادن تي جي ڊي پي جو 0.2 سيڪڙو اضافو ٿيندو، ان ڪري موجوده پينشن جي قيمت 2022 کان 2050 تائين جي ڊي پي جي لڳ ڀڳ 6.3 سيڪڙو تائين وڌي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.