سنڌ جي وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪنداسين:اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته اسان جناح جو انسانيت وارو پاڪستان چاهيون ٿا، پاڪستان کي رواداري، برابري ۽ امن ذريعي ڪامياب بڻائڻو آهي، سنڌ جي زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ٻڌايو وڃي ته ڪرپشن، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، سنڌ تباھ ٿي رهي آهي عدالتن ۽ ادارن کي عوام ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرج، پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته اسين چاھيون ٿا ته ايوانن ۾ سنڌ جو حقيقي عوام چونڊجي اچي جيڪو ھي ڦرلٽ جو نظام بند ڪري سگھي ۽ عوام کي پنھنجا لٽيل حق واپس موٽائي سگھي، سنڌ دشمن ڌريون چاهين ٿيون ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو وڃي، غير قانوني افغاني ۽ ٻيا پرڏيھي سنڌ ۽ ملڪ جي امن، سلامتي، رواداري لاءِ وڏو خطرو آھن، ڪرپشن ۽ دھشتگردي پاڻ ۾ جڙيل آھن، اياز لطيف پليجي چيو  ته سنڌ جي تعليم کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي، ڌاڙيل راڄ قائم ڪري سنڌ جي امن کي تباھ ڪيو ويو آھي، سنڌ جو عوام ڪرپشن، ڏوھاري راڄ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو جدوجھد ۾ ساٿ ڏئي، اسان جو ملڪ زرعي ھجڻ باوجود الميو آھي جو غربت ۽ مھانگائي جي ڪري لکين ماڻھو 2 وقت ماني لاءِ پريشان آھن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.