اربين سالن پراڻي سياري جي نمونن مان سائنسدانن ڇا دريافت ڪيو؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي اداري ناسا جو OSIRIS-REx مسن ساڍا چار ارب سال پراڻي سياري بينو جا نمونا کڻي سيپٽمبر جي آخر ۾ زمين تي واپس پهتو هو.
هاڻي ناسان جي سائنسدانن ٻڌايو ته اربين سال پراڻي ان سياري جي نمونن مان هنن ڇا دريافت ڪيو آهي.
بينو اهو سيارو آهي جيڪو ڪاربن سان ڀرپورتصور ڪيو ويندو آهي.
ناسان موجب اهڙن نمونن ۾ ڪاربن سان گڏوگڏ پاڻي کي به دريافت ڪيو ويو آهي ۽ سائنسدانن موجب اها وڏي اڳڀرائي آهي.
واضح رهي ته ڪاربن ۽ پاڻي کي زمين تي زندگي جو بنياد تصور ڪيو ويندو آهي.
ناسان جي عهديدار بل نيلسن ٻڌايو ته OSIRIS-REx مشن مان ملندڙ نمونا ڪاربن سان ڀرپور هئا ۽ ان سان سائنسدانن کي اسان جي سياري ۾ زندگي جي حوالي سان جاچ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
واضح رهي ته ان مشن ذريعي تاريخ ۾ ٽيون ڀيرو شمسي نظام جي ڪنهن خلائي ڇَپ جا نمونا حاصل ڪيا ويا هئا.
اهو مشن ست سال اڳ 2016ع ۾ روانو ڪيو ويو هو ۽ ان گڏيل طور تي هڪ ارب 20 ڪروڙ ميل مفاصلو طئي ڪيو.
اهو اسپيس ڪرافٽ آڪٽوبر 2020ع ۾ سياري تي لٿو هو ۽ ان مئي 2021ع ۾ زمين ڏانهن واپسي جو سفر شروع ڪيو هو.

نمونوں کی ایک جھلک / فوٹو بشکریہ ناسا
ناسا موجب اڃا ته سياري جي نمونن جي جاڇ شروع ٿي آهي ۽ جلد نيا جي ٻين خطن جي سائنسدانن کي به ان تائين پهچ فراهم ڪئي ويندي.
آمريڪي خلائي اداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين انهن نمونن تي تحقيق ڪئي ويندي ۽ ان سياري جي ڇپن ۽ ان جي ڀرپاسي جا راز ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اسان کي اهو ڄاڻڻ ۾ ملندي ته شمسي نظام ڪيئن ٺهيو ۽ ڪيئن زمين تي زندگي لاءِ گھربل عنصر پهتا، جڏهن ته اها به خبر پوندي ته ڪهڙن قدمن سان اسان پاڻ سياري کي ٻين کان ٽڪرائجڻ کان بچائي سگھون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.