ورلڊ ڪپ: پروٽيز ڪينگروز کي چٿي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن تي اچي ويا

لکنئو (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ڏهين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا آسٽريليا کي 134 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لکنئو ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ڏکڻ آفريقا 7 وڪيٽن جي نقصان تي 311 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريقا جي ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 109 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، ايڊن مارڪرم 56، ڪپتان باووما 35، ڪلاسين 29، وان ڊر ڊوسن ۽ مارڪو جانسن 26-26 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ ۽ گلين ميڪسويل 2-2، جوش هيزل ووڊ، پيٽ ڪمنز ۽ ايڊم زمپا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ آسٽريلوي بيٽر پروٽيز بالنگ اٽيڪ اڳيان بي وس نظر آيا ۽ سموري ٽيم 40.5 اوورن ۾ 177 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
لبوشين 46، مچل اسٽارڪ 27، پيٽ ڪمنز 22، اسٽيون سمٿ 19، ڊيوڊ وارنر 13، ايڊم زمپا 11 رنسون ٺاهيون، 5 بيٽر ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا.
ڏکڻ آفريقا جي ربادا 3، جانسن، مهاراج ۽ تبريز شمسي 2-2، جڏهن ته لنگي نگيڊي هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريقي ٽيم مسلسل ٻي ڪاميابي ماڻي بهتر رن ريٽ سان پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن تي اچي وئي آهي، جڏهن ته آسٽريليا ٻنهي ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏٺو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.