گھوٽڪي: پي ايف يو جي سڏ تي صحافين جو شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

گھوٽڪي ۾ پاڪستان فڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي سکر جي صحافي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي.

قلم ڌڻين پاران پي ايف يو جي، جي ضلعي صدر عامر حسين چنا، جنرل سيڪريٽري تاج ٽانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ميرپور ماٿيلو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل ٻه مهينا گذرڻ باوجود گرفتار ناهن ٿي سگھيا قاتل ايڏا بااثر آهن جو پوليس کين گرفتار ناهي ڪري سگھي.

هنن نگران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪوي آهي ته فوري طور تي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.