ڄامشورو:”پاڻي سان آهي زندگي ۽ پاڻي سان آهي خوراڪ” جي عنوان هيٺ سيمينار

خوراڪ جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ڄامشورو ۾ "پاڻي سان آهي زندگي ۽ پاڻي سان آهي خوراڪ” جي عنوان هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو.

خوراڪ ۽ زراعت تي ڪم ڪندڙ اقوام متحده جي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪلچر جي ميزبانيء هيٺ سُڪل درياهه جي وچ ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو.

ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊي جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آغا فخر حسين، سماجي اڳواڻ ذوالفقار علي ڪاڇيلو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ نه رڳو کاڌ خوراڪ جي کوٽ آهي پر صحتمند ۽ محفوظ خوراڪ جو مسئلو پڻ آهي، جنهن لاء درياهن کي بچائڻ سان گڏ انهن کي گدلاڻ کان به بچائڻو پوندو.

هنن چيو ته پاڪستان ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو ڪارڻ آبادي وڌڻ سان گڏ عام ماڻهن ۾ سجاڳي گهٽ هجڻ به آهي،صحتمد زندگي گذارڻ لاء کاڌ خوراڪ جا ذريعا بچائڻ سان گڏ انهن کي ايندڙ نسلن لاء محفوظ ڪرڻ جي به ضرورت آهي.

مقررين جو چوڻ هيو ته وقت گذرڻ سان گڏ پاڻي جا قدرتي ذخيره گھٽجي رهيا آهن،ايندڙ ويھ سالن ۾ پاڪستان پاڻيء تمام وڏي بحران کي منهن ڏيندو، فيڪٽرين جي گدلاڻ درياهه ۾ داخل ٿي رهي آهي جنهن سان آبي جيوت سان گڏ انساني صحت کي به نقصان پهچي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.