اسرائيل غزا تي 4000 ٽن وزني 6000 بم ڪيرائي ڇڏيا

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل چيو آهي ته هن غزا تي 4000 ٽن وزني 6000 بم ڪيرايا آهن.
اسرائيلي فوج سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هن ڇنڇر ڏينهن حماس جي حملي کان پوءِ کان هيل تائين 4000 ٽن وزني 6 هزار بم غزا جي پتي تي ڪيرايا آهن.
فلسطين جي صحت اختيارين موجب بمباري ۾ هيل تائين 1417 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته زخمي فلسطينين جو انگ 6 هزار 800 کان ٽپي ويو آهي.
صحت کاتي سرائيل طرفان غزا تي مبمباري جي مذمت ڪئي آهي ۽ عالمي حقن جي گروهن کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي ڇو جو اسپتالون مردا خانن ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آهي.
اسرائيلي جهازن تان پمفليٽ ڪيرائي فلسطينين کي گھر ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني پئي وڃي، اسرائيلي هوائي حملي ۾ وڌيڪ چار هيلٿ ورڪرز شهيد ٿي ويا آهن.
غزا شهر جي مرڪزي اسپتال ۾ جنريٽرز لاءِ رڳو چئن ڏينهن جو ٻارڻ بچيو آهي، هلال احمر جي ترجمان چيو آهي ته غزا ۾ بجلي جي کوٽ سبب اسپتالن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي، غزا پٽي جي اڪيلي بجلي گھر ٻارڻ جي کوٽ سبب گذريل ڏينهن ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.