12هزار افغانين وٽان جعلي پاڪستاني پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب 12 هزار افغان شهرين وٽان جعلي پاڪستاني پاسپورٽ هٿ ڪري ورتا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان شهرين کي پاڪستاني پاسپورٽ جعلي سڃاڻپ ڪارڊز تي جاري ڪيا ويا هئا، جعلي پاسپورٽ ٺهرائيندڙ گروهه جي مک جوابدار کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو.

پاسپورٽ ڊائريڪٽوريٽ اسلام آباد جي هڪ حاضر سروس ۽ هڪ ريٽائرڊ ملازم کي به گرفتار ڪيو ويو.

عملدارن جو چوڻ آهي ته معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ نادرا ڊيٽا به ڪائونٽر چيڪ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.