مختلف تنظيمن جي اڳواڻن سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري، زمينن تي قبضن، مهانگائي، پاڻي تي ڌاڙن ۽ بدامني خلاف 15 آڪٽوبر تي بدين ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي.
عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌي مزدور تحريڪ جي ستار گوپانگ، سنڌي ھاري تحريڪ جي ماڻڪ ٽالپر۽ ٻين ڪڍڻ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خلاف 15 آڪٽوبر تي بدين ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويندو،سنڌ جو قومي وجود ۽ وسيلا بچائڻ لاء اسان مختلف شھرن ۾ وڃي ھر مڪتبه فڪر جي ماڻھن کي دعوتون ڏيون پيا.
ھنن چيو ته حڪومت غير ملڪين کي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن جي کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آھي،آدمشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آھي سنڌ جي سمورن مسئلن جي حل لاء 15 آڪٽوبر تي بدين ۾ تاريخي احتجاج ڪيو ويندو.