پاڪستان جي وڏي ڪاميابي، گاڏيون برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيني ڪمپني جي ڀائيواري سان پاڪستان گاڏيون برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو، گاڏيون برآمد ڪرڻ جي اعزاز تي خاص تقريب رٿي وئي.
پاڪستان مان چنگان ۽ ماسٽر موٽرز جي جديد ايس يو وي گاڏي جي برآمد شروع ٿي وئي آهي، پاڪستان ۾ تيار 14 گاڏين جي پهرين کيپ ڪينيا ۽ تنزانيا کي وڪرو ڪئي وئي.
گاڏي جي برآمد جو اهم اعزاز حاصل ٿيڻ تي ڪراچي ۾ هڪ خاص تقريب به رٿي وئي، جنهن ۾ صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي سيڪريٽري اسد رحمان به موجود هو.
اسد رحمان چيو ته ڊالر جو ريٽ ڪرڻ سان گاڏيون تيار ڪندڙ ڪمپنين طرفان به ريٽ گهٽ ڪرائينداسين، هڪ ڪمپني گاڏين جا ريٽ گهٽ ڪرڻ جو اخبار ۾ اشتهار به ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.