اسرائيلي آرمي چيف ناڪامي جو اعتراف ڪري ورتو

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي آرمي چيف حماس جي حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪري ورتو.

اسرائيلي فوجي سربراهه اعتراف ڪيو آهي ته ڇنڇر جي ڏينهن حماس جي حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي سيڪيورٽي فورسز جي غلطي آهي.

ليفٽيننٽ جنرل هرزي حلوي چيو ته ”آءِ ڊي ايف (اسرائيل ڊفينس فورسز) ملڪ ۽ ان جي شهرين جي دفاع جي ذميوار آهي پر ڇنڇر جي صبح جو غزا جي ڀرپاسي جي علائقي ۾ اسان ان تي پورو نه لٿاسين.

سندس چوڻ هو ته ان حملي مان اسان سکنداسين پر هاڻي جنگ جو وقت اچي ويو آهي.

فلسطين جي مزاحمتي گروپ حماس اسرائيل وچ م جنگ جو اڄ 6 هون ڏينهن آهي، جيئن صيهوني فورسز دنيا جي سڀ کان وڏي گھري هيٺ شهر غزا کي هوائي بمباري جي ذريعي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيءَ طرح حماس جي حيران ڪندڙ ميزائل حملن اسرائيلي معيشت وڏو ڌچڪو پهتو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.