ٽائٽينڪ جي ملبي ڏانهن سفر دوران تباهه ٿي ويل سياحتي آبدوز ٽائٽن جو ملبو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي تهه مان ڪڍيو ويو آهي.
اوشين گيٽ Expeditions جي تيار ڪيل اها آبدوز 18 جون تي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ٽائٽينڪ ڏانهن ويندي حادثي جو شڪارٿي هئي.
ان جي نتيجي ۾ ٽائٽن آبدوز ۾ سوار ڪمپني جو چيف ايگزيڪٽو (سي اِي او) اسٽاڪٽن رش، ٻه پاڪستاني شهري دائود ۽ سندس پٽ سليمان دائود سوڌو هيمش هارڊنگ ۽ پال هنري نارجيوليٽ سڀ فوت ٿي ويا هئا.
ٽائٽن جي ملبي جو ڪجهه حصو جون جي آخر ۾ ڪڍيو ويو هو.
هاڻ وري آمريڪي ڪوسٽ گارڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽائٽن جي ٻين حصن کي به ائٽلانٽڪ سمنڊ جي 12 هزار 500 فوٽ اونهائي مان ڪڍيو ويو آهي.
بيان موجب اهوملبو ٽائٽينڪ جي ملبي کان 1600 فوٽ پري سمنڊ جي تَري ۾ موجود هو.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اهو آپريشن آڪٽوبر جي شروع ۾ مڪمل ڪيو ويو هو ۽ ان دوران ٽائٽن جو هڪ محفوظ حصو به ڪڍيو ويو.
آمريڪي ڪوسٽ گارڊ جو چوڻ هو ته ملبي مان انساني باقيات کي به احتياط سان ڌار ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي تجزيي لاءِ طبي ماهرن ڏانهن موڪليو ويو آهي.
ماهرن جو مڃڻ آهي ته 18 جون تي آبدوز ٽائٽن گم ٿيڻ کان فورن بعد تباهه ٿي وئي هئي.
آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي اختيارين طرفان حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ان حوالي سان ماهرن طرفان شاهدن کان بيان ورتا پيا وڃن جڏهن ٻيا سائنسي تجربا به ڪيا پيا وڃن.
اختيارين موجب ان سانحي جي حوالي سان عوام ٻڌڻي جي جلد شروعات ٿيندي.
ان حادثي کانپوءِ ٽائٽن کي آپريٽ ڪندڙ ڪمپني اوشين گيٽ ڪم بند ڪري ڇڏيو هو.