حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي اٺين ميچ ۾ سريلنڪا خلاف پاڪستان جي رڪارڊ ساز فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ محمد رضوان گرائونڊ ۾ تڪليف بابت دلچسپ جواب ڏئي ڇڏيو.
ميچ جي پڄاڻي بعد انعامي تقريب دوران وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان مزاحيه انداز ۾ ميدان ۾ پنهنجي تڪليف جو اظهار ڪندي چيو ته ڪڏهن سور ٿيندو آهي ڪڏهن ته اداڪاري ڪندو آهيان.
هن چيو ته ڀارت خلاف ميچ کان اڳ ڪاميابي ٽيم کي اعتماد ڏيندي، يقين هو ته ميچ کٽڻ جي اهليت رکون ٿا.
ان کان اڳ ميچ دوران محمد رضوان جي تڪليف تي ڪامينٽيٽرز مذاق اُڏائيندي چيو هو ته کيس اداڪاري ڪرڻ کپي.
محمد رضوان سريلنڪا خلاف ميچ ۾ اٺ چوڪن ۽ ٽن ڇڪن جي مدد سان 131 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي هئي.