ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊارما ۽ فلم انڊسٽري سان واسطو رکندڙ اداڪار فهد مصطفيٰ چيو آهي ته شوبز انڊسٽري ۾ سڀ اداڪار ذهني مسئلن جو شڪار آهن.
اداڪار فهد مصطفيٰ تازو ئي هڪ نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن دلچسپ ۽ زندگي جي مختلف رخن تي ڳالهايو.
ڳالهه ٻولهه دوران اداڪار کان رليشن ايڊوائيس بابت پڇيو ويو جنهن جي جواب ۾ اداڪار چيو ته انڊسٽري ۾ اهڙو ڪو به ناهي جنهن کان اوهان مشورو وٺي سگھو ڇو جو انڊسٽري ۾ سڀ ذهني مسئلن جو شڪار آهن.
هن پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو ته اسان جو ڪم اهڙو آهي جو ماڻهو اسان جي ڊريسنگ، آواز تي به تبصرا ڪندا آهن، ان ڪري اسان کي ڪنهن کان ڪهڙا مشورا وٺڻا آهن جيڪڏهن مشورو وٺڻو آهي ته پنهنجي گھر مان ڪنهن کان