ورلڊ ڪپ ڊيبيو ميچ ۾ سينچري ڪندڙ عبدالله جي 3 سال پراڻي ٽوئيٽ وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي اوپننگ بيٽر عبدالله شفيق جي سريلنڪا خلاف زبردست سينچري کانپوءِ سندس ماضيءَ ۾ ڪيل ٽوئيٽ وائرل ٿي رهي آهي.

ميچ ۾ عبدالله شفيق 103 بالن تي 113 رنسون ٺاهيون ۽ سريلنڪا خلاف 345 رنسن جو وڏو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ٽيم کي مدد فراهم ڪئي.

عبدالله شفيق جي اننگز ۾ 3 ڇڪا ۽ ڏهه چوڪا شامل هئا، هن سريلنڪا خلاف ميچ ۾ 109 ڏهائي 71 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان بيٽنگ ڪئي.

هتي اِها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته عبدالله شفيق عالمي ڪپ ۾ ڊيبيو ڪيو هو ۽ سندس ڪارڪردگي تي پاڪستانين سميت ڀارتي تجزئي نگارن ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرز به واکاڻ ڪئي.

هاڻ سوشل ميڊيا تي تي ڪرڪيٽر جي ٽي سال اڳ ڪيل هڪ پوسٽ وائرل ٿي رهي آهي، پوسٽ کي ايڪس، انسٽاگرام ۽ فيسبوڪ جي ڪيئي ميمز ۽ ٻين پيجز تي شيئر ڪيو ويو آهي.

عبدالله شفيق طرفان پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي وئي هئي جنهن ۾ هو ڪلهي تي بيگ کنيو بيٺو آهي، گڏ ئي هن پاڻ لاءِ پيغام به لکيو آهي.

قومي بيٽر لکيو هو ته انشاءَ الله هڪ ڏينهن مان پاڻ کي پنهنجي مٿان فخر محسوس ڪرائيندس.

عبدالله اِها پوسٽ 21 هين جولاءِ 2020ع تي ڪئي هئي جيڪا هاڻ ڪرڪيٽر ورلڊ ڪپ ڊيبيو ۾ شاندار ڪارڪردگي تي وائرل ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.