اُهي عجيب شيون جيڪي دماغ کي تبديل ڪري ڇڏين ٿيون

عمر سان گڏ هر فرد جي دماغ ۾ تبديليون اينديون آهن ذهني فعل به تبديل ٿي ويندا آهن.
اسان جو دماغ جسم جي ڪنٽرول سينٽر جي حيثيت رکي ٿو جيڪو دل جي ڌڙڪي کي جاري رکندو آهي، ڦڦڙن کي ساهه کڻڻ ۽ اسان کي گھمڻ، سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ ۾ به مدد فراهم ڪندو آهي.
دماغ هڪ پراسرار عضو آهي ۽ اڃا به اسان کي ان بابت گھڻو ڪجهه خبر ناهي.
پر هيل تائين جيڪا به خبر پئي آهي ان مان اشارو ملي ٿو ته ڪجهه شيون اسان جي دماغ کي تبديل ڪري ڇڏينديون آهن.
جي ها واقعي اسان جو دماغ ڪجهه شين جي ڪري سدائين لاءِ تبديل ٿي سگھي ٿو.
گوگل ۽ سمارٽ فونز
اوهان تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ يا انهن کي ياد ڪرڻ لاءِ ڊوائيسز تي جيترو ڀاڙيندئو، ان جي ضرورت اوتري ئي وڌيڪ پوندي.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو اهي ته جڏهن اسان انٽرنيٽ کي مدد لاءِ استعمال ڪندا آهيون ته ان تي ڀاڙڻ وڌي ويندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ دماغي فعل متاثر ٿيندا آهن.
ان جي لاءِ طبي ٻولي ۾ cognitive offloading جي اصطلاح به استعمال ٿيندي آهي.
خلائي سفر
خلا ۾ سفر ڪندڙن تي سائنسدانن گھڻو تحقيقي ڪم ڪيو آهي.
اهڙن ماڻهن جي دماغ جو جائزو خلائي سفر کان اڳ ۽ بعد ۾ ورتو ويو ۽ دريافت ٿيو ته خلائي سفر سان دماغ کوپڙي ۾ مٿي پاسي منتقل ٿي ويندو آهي.
پر ائين خلاف ۾ ڊگھو عرصو رهڻ دوران ئي ٿيندو آهي، ٻن هفتن کان اڳ زمين تي موٽي ايندڙ ماڻهن کي ان جو تجربو ناهي ٿيندو.
ڊپريشن
ڊپريشن ته موجودا دور ۾ سڀ کان عام ذهني مرض آهي.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته ڊپريشن جي مريضن جي دماغي وائيٽ ميٽر ۾ تبديليون اينديون آهن.
انهن تبديلين سان ڊپريشن جي مريضن کي جذبا ڪنٽرول ڪرڻ ۽ سوچڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
کائڻ کان پاسو
جيڪڏهن اوهان جسماني وزن ۾ گھٽتائي لاءِ سڄي ڏينهن ۾ گھٽ کاڌو کائيندا (internittent fasting) آهيو ته ان سان به دماغ ۾ مختلف تبديليون اينديون آهن.
ائين ڪرڻ سان دماغي خلين جو انگ وڌندو آهي جڏهن ته اهڙي پروٽين جي سطح ۾ به اضافو ٿيندو آهي جيڪو يادداشت، سکڻ ۽ دماغي فعلن لاءِ اهم نيورونز سان رابطو ڪندوآهي.
ان پروٽين جي مقدار ۾ گھٽتائي کي الزائمر مرضن سان سلهاڙيو ويندو آهي.
گيمنگ
طبي ماهرن موجب گھڻيون گيمز کيڏڻ سان دماغ تي اهڙا ئي اثر پوندا آهن جهڙا ڪيفين يا منشيات جي استعمال سان پوندا آهن.
جڏهن اسان گيمز کيڏندا آهيون ته دماغ هڪ ڪيميڪل ڊوپامائن خارج ڪندو آهي جيڪو اسان کي خوشي جو احساس ڏياريندو آهي ۽ ائين هر هر ٿيڻ عادت بڻجي ويندوآهي.
پر ڪيترائي ڀيرا گيمز کيڏڻ جي عادت سان يادداشت، ڌيان ڏيڻ ۽ ڏسڻ جهڙين صلاحيتن تي هاڪاري اثر به پونداآهن.
نئين ٻولي سکڻ
ڪنهن به نئين ٻولي کي سکڻ سان دماغ ۾ هاڪاري تبديليون اينديون آهن.
نئين ٻولي سکڻ سان دماغ جي خلين کي فائدو ٿيندو آهي ۽ دماغي فعل بهتر ٿيندا آهن.
خوراڪ
دماغ کي فعلن لاءِ گھڻي توانائي جي ضرورت هوندي آهي جيڪا ان کي خوراڪ مان ملندي آهي.
پر ان جو مطالب اهو ناهي ته هر غذا دماغ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي آهي.
کنڊ جو گھڻو استعمال دماغ لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندوآهي، جڏهن ته چانهه، ڪافي، بيضا، داليون ۽ مڇي وغيرا سان دماغي صحت بهتر ٿيندي آهي.
مراقبو
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته مراقبو ڪندڙن ماڻهن جي دماغ ۾ گري ميٽر عمر وڌڻ باوجود محفوظ رهندو آهي.
ورزش
ورزس کي معمول بڻائڻ جسم لاءِ فائديمند هوندو آهي ۽ ان عادت سان دماغ کي به فائدو ٿيندو آهي.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته ايروبڪ ورزشن کي معمول بڻائڻ سان دماغ جي مختلف حصن کي فائدو ٿيندو آهي جڏهن ته يادداشت ۽ سکڻ جي صلاحيت بهتر ٿيندي آهي.
الڪوحل
الڪوحل جو استعمال دماغ ڊگھن بنيادن تي تبديل ڪري ڇڏيندو آهي.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته الڪوحل جي استعمال سان دماغي وائيٽ ۽ گري ميٽر جي سڃاڻپ ۾ تبديليون اينديون آهن.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ضرور ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.