غزا جو مڪمل گهيرو عالمي قانون تحت منع آهي: گڏيل قومون

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي انساني حقن جي سربراهه چيو آهي ته اسرائيل جو غزا پٽي جو مڪمل گهيرو عالمي قانون تحت منع آهي.
انساني حقن لاءِ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر ڌرين کان ڇڪتائڻ گهٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ماڻهن جي وقار ۽ جانين جو احترام ڪرڻ گهرجي.
هن پنهنجي آفيس طرفان جمع ڪرايل ڄاڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته اسرائيل فضائي حملن ۾ غزا ۾ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو آهي، جن ۾ اسڪول ۽ گڏيل قومن جون عمارتون به شامل آهن، جنهن جي نتيجي ۾ شهري مارجي ويا.
سندس چوڻ هو عالمي انساني قانون واضح آهي ته شهري آبادي ۽ شهري شين کي بچائڻ لاءِ مسلسل سار سنڀال جي ذميواري حملن دوران به لاڳو هوندي آهي، شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهندڙ گهيرو عالمي قانون تحت منع آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.