اڳوڻي آمريڪي صدر کي پاڪستان ۾ روزگار ملي ويو

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو هم شڪل پاڪستاني شخص جي قلفي کپائيندي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.
تازو ئي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته هڪ شخص پاڪستان جي روڊن تي قلفي کپائي رهيو آهي.
ان وڊيو ماڻهن جو ڌيان ڇڪي ورتو آهي جنهن جو سبب قلفي کپائيندڙ شخص جي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان غير معمولي طور تي هڪجهرائي آهي.
وڊيو ۾ پنجاب جي علائقي ساهيوال سان واسطو رکندڙ شخص پنهنجي گراڪن جو ڌيان ڇڪڻ لاءِ لاڳيتو کويا قلفي جو هوڪو ڏئي رهيو آهي.

ان شخص کي پنهنجي خوبصورت اسٽائل ۽ آواز ۾ پنهنجي قلفي جون تعريفون ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.
ان وڊيو کي هيل تائين 1 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي، ٽوئيٽر تي واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.