پاڪستان ٿڙندو ٿاٻڙندو سيمي فائنل ۾ پهچي ويندو: وهاب رياض

لاهور ( ويب ڊيسڪ )اڳوڻي فاسٽ بالرر ۽ پنجاب جي راندين واري نگران صلاحڪار وهاب رياض چيو آهي ته هن دفعي به پاڪستان ٽيم ورلڊ ڪپ جو سيمي فائنل ضرور کيڏندي.

وهاب رياض لاهور ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو ته ڀارت خلاف ميچ اهم آهي، پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي، ڀارت ۾ خالي اسٽيڊيم ۾ ميچون ٿي رهيون، رڳو ڀارت ۾ رهندڙ ماڻهو ميدان جو رخ ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته ڀارت لاءِ اِهو نقصانڪار آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي، انگلينڊ، آسٽريليا ۾ ميچون هونديو آهين ميدان تماشائين سان ڀريل هوندا آهن.

هن چيو ته پي سي بي جو ڀارت آڏو احتجاج ڪرن جو ڪو فائدو ناهي، ڀارت کي ويزائون جاري ڪرڻيون هجن ها ته هنيئر تائين جاري ڪري چڪو هجي ها.

سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ جهڙيون وڪيٽون آهن اسان اهڙي قسم جي وڪيٽن تي کيڏي وڏا ٿيا آهيون، پِچز خراب هجڻ جو بهانو نه بڻائڻ گهرجي، اسان جي رانديگرن کي عالمي ڪپ ۾پاڻ مڃائڻو پوندو.

وهاب رياض اوپننگ بيٽر فخز زمان بابت چيو ته هو اسان جو اثاثو آهي، فارم جو مسئلو رانديگرن سان ٿيندو آهي، اسان کي فخر کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي، هو اڪيلو ميچ کٽرائي سگهي ٿو.

وهاب رياض اِهو به چيو ته پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪو جو سيمي فائنل ضرور کيڏندي، اسان سدائين ٿڙندو ٿاٻڙندو سيمي فائنل ۾ پهچي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.