حماس جي حڪمت عملي عالمي ميڊيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو

حماس جي حڪمت عملي تي عالمي ميڊيا حيران ۽ پريشان آهي، آمريڪي چئنل سي اين اين چيو آهي ته حماس اسرائيل جي اربين رپيا ٻوڙي ڇڏيا، ايتري طاقتور دشمن کي ايڏو وڏو نقصان پهچائڻ تي حيران آهيون، هاڻ حالت اها آهي ته اسرائيل زميني حملا به نٿو ڪري سگهي.
آمريڪي چئنل سي اين اين جا اينڪر ۽ تجزئي نگار حيران آهن ته حماس پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ طاقتور دشمن کي ايڏو وڏو نقصان ڪيئن پهچائي ڇڏيو؟
سي اين اين جو چوڻ آهي ته حماس اسرائيل جا اربين رپيا ٻوڙي ڇڏيا، نگراني جو ڪم جام ڪري ڇڏيو ۽ انٽيليجنس نظام جي پت وائکي ڪري ڇڏي.
بيروت ۽ يروشلم ۾ نيو يارڪ ٽائمز جي بيورو چيف ٽام فريڊمين چيو ته اسرائيل اربين رپين جي ماليت سان حفاظتي ڀت ٺاهي، جنهن کي حماس بلڊوزرن سان ڊاهي ڇڏيو، اهو هڪ وڏو سوال آهي.
عسڪري معاملن جي ماهر سڊرڪ ليٽن چيو اسرائيلي انٽيليجنس ناڪام ٿي ۽ حماس جي راڪيٽ حملن تي اسرائيلي حيران رهجي ويا.
هن چيو اسرائيل غزا ۾ ٽيڪنالاجي جي مدد سان نگراني جو ڄار وڇايو هو، حماس ٽيڪنالاجي کي فيل ڪري ڇڏيو.
نيو يارڪ ٽائمز جي بيورو چيف اسرائيلي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته هن پنهنجي فوج جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا.
ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته حماس طرفان جيڪي يرغمال بڻايا ويا آهن، ان سبب اسرائيلي ڀرپور زميني حملا به نٿو ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.