انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان اسرائيل کان غزا تي بمباري روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين جي موت کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
حماس ۽ اسرائيل ۾ جنگ روڪرائڻ لاءِ ترڪ صدر متحرڪ آهي، هن ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت سان رابطو ڪيو ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور ڏنو.
ترڪ صدر اسرائيلي هم منصب سان فون تي غزا تي بمباري روڪڻ جو مطالبو ڪيو ۽ غزا جي بندش کي قبول نه ڪندي چيو ته معصوم شهرين جو موت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
غزا ۾ معصوم شهرين جو موت ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو: ترڪ صدر جو اسرائيل کي پيغام
You might also like