15 نومبر کانپوءِ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ سائرا بانو وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي ڊي اي اڳواڻ سائرا بانو دعويٰ ڪئي آهي ته 15 نومبر کانپوءِ معاشي ايمرجنسي جو اعلان ٿي ويندو، نومبر اچڻ ڏيو، گهڻيون شيون سامهون اينديون.
نجي ٽي وي ڇئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سائرا بانو چيو ته ن ليگ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور ڏئي رهي آهي پر ماڻهن ۾ شعور اچي چڪو آهي، هاڻ برياني تي ڪم نه هلندو.
هن چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جو نالو کڻي ڪير ڪنهن کي هلائڻ چاهي ٿو سامهون آهي، پنجاب ۾ نگران وڏي وزير جي نڪ هيٺان ڪيئن سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، پ پ لاءِ واضح اشارو آهي جيڪڏهن انهن کي ٿوري سمجهه هجي.
سندس چوڻ هو يقين سان ڪيئن پيو چيو وڃي ته چونڊون ٿي رهيون آهن، 15 نومبر کانپوءِ معاشي ايمرجنسي جو اعلان ٿي ويندو، نومبر اچڻ ڏيو ته پوءِ گهڻيون ڳالهيون سامهون اچي وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.