اداڪارا شهناز گِل اسپتال ۾ داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪارا ۽ ريئلٽي شو بگ باس سيزن 13 جي مشهور اميدوار شهناز گِل کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.
شهناز جي انسٽاگرام تي لائيو ڪيل وڊيو گھڻي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ اداڪارا ٻڌايو آهي ته هن کي فوڊ پوائزن ٿي ويو هو پر هاڻي هوءَ اڳ کان بهتر آهي.
ادڪارا انسٽاگرام لائيو ۾ چيو ته سڀني جو وقت ايندو آهي ۽ هليو ويندو آهي، مون سان به اهو ئي ٿيو، منهن وقت وري ايندو، آئون سينڊوچ کاڌو هو جنهن سبب مون کي فوڊ انفيڪشن ٿي ويو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Instant Bollywood (@instantbollywood)

شهناز مداحن کي به خبردار ڪيو ته ٻاهران جي کاڌن کان پرهيز ڪريو ۽ احتياط سان شيون کائو ڇو جو موسم جي ڪري فوڊ پوائزننگ ٿي رهي آهي.
شهناز گِل جا مداح اداڪارا لاءِ جلد صحتيابي جون دعائون ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.