جي يو آءِ سنڌ امن مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومري اعلان ڪيو آهي ته 22 آڪٽوبر کان ٻه نومبر تائين سنڌ امن مارچ ٿيندو، جيڪو صوبي جي سڀني ضلعن مان ٿيندو ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهچندو، جنهن سان جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندو.
حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راشد محمود سومري چيو ته پ پ جي 15 سالن جي حڪومتي دور ۾ سنڌ ۾ ڪرپشن انتها تي پهچي وئي، اسان جي ڊي اي جهڙو هڪ الائنس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ذريعي سنڌ ۾ متبادل قيادت ڪئي ويندي.
هن چيو ته سنڌ ۾ اپوزيشن جي ووٽ کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ قوم پرست جماعتن سان رابطا ڪيا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀني پرڏيهين کي واپس وڃڻ گهرجي پر ان لاءِ بنا فرق جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڪنهن سان زيادتي نه ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.