هلندڙ سال جي ٻي ۽ آخري سج گرهڻ 14 آڪٽوبر تي ٿيندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ان گرهڻ کي رنگ آف فائر جو نالو ڏنو ويو آهي، ڇو ته ان دوران چنڊ سج کي ائين لڪائيندو جو ان جو ٻاهريون حصو ائين نظر ايندو، جيئن ڪا رنگ (ڇلو) هجي.
ان سج گرهڻ جو نظاو پاڪستان ۾ نه ٿيندو، رڳو اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ ان کي ڏسڻ ممڪن هوندو.
14 آڪٽوبر تي پاڪستاني وقت موجب رات 8 وڳي 35 منٽن تي گرهڻ جي شروعات ٿيندي ۽ 15 آڪٽوبر جي رات ٻه لڳي 25 منٽن تي اها پڄاڻي تي پهچندي.
Next Post
You might also like