جيستائين مسجد اقصيٰ جي بيحرمتي ختم نٿي ٿئي معاهدو ڪئين ٿو ٿي سگھي؟: حماس ترجمان

عزا (ويب ڊيسڪ) حماس جي ترجمان خالد قدومي چيو آهي ته جيستائين مسجد اقصيٰ جي بيحرمتي ختم نٿي ٿئي ۽ جيستائين اسرائيل اسان جا مطالبا تسليم نه ٿو ڪري ته معائدو ڪئين ٿو ٿي سگھي؟
حماس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري اسرائيلي ظلمن جي خلاف اسان جو ساٿ نه ڏنو، دنيا هاڻي هوش ۾ آئي آهي جڏهن اسرائيل جو نقصان ٿيو.
ترجمان جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي اسرائيل جي ڏوهن کان دنيا کي آگاهه ڪرڻو آهي، القسام برگيڊ موجب سوين اسرائيلي فوج حراست ۾ آهن.
خالد قدومي جو چوڻ هو ته معاهدو ڪرڻو هجي ها ته اسان 70 سالن ۾ پهريان ئي ڪري ڇڏيون ها، جيستائين مسجد اقصيٰ جي بيحرمتي ختم نه ٿي ٿئي ۽ جيستائين اسرائيل اسان جا مطالبا تسليم نٿو ڪري ته معاهدو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟

 

 

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.