عمران خان کي زهر ڏنو ويندو: بشريٰ بي بي ٻيهر عدالت پهچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر درخواست ڏني آهي ته منهنجي مڙس کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، کيس زهر ڏئي سگهجي ٿو.
بشريٰ بي بي هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، هن پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل ۾ سيڪيورٽي جي درخواست جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
بشريٰ بي بي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان کي گهر جو کاڌو فراهم ڪرڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، خدشو آهي ته کيس زهر ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.