حماس جي راڪيٽن جو مقابلو ڪندڙ اسرائيلي آئرن ڊوم سسٽم ڇا آهي؟

حماس جي مزاحمت ڪندڙن ۽ اسرائيلي فورسز جون جهڙپون چوٿين ڏينهن به جاري آهن.
ان دوران حماس طرفان اسرائيل تي هزارين راڪيٽ وسايا ويا آهن ۽ صيهوني رياست پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ آئرن ڊوم سسٽم تي ڀاڙيندي آهي.
اسرائيل لاءِ اهو ميزائل دفاعي نظام گھڻي اهميت رکي ٿو جنهن جو استعمال ڪيترن ئي سالن کان ڪيو پيو وڃي.
اسرائيلي فوج جي دعويٰ آهي ته ان نظام سان راڪيٽ حملن کان *95.6 سيڪڙو تائين تحفظ ملندو آهي.
ان نظام جي تياري 2007ع ۾ شروع ٿي جڏهن ته ان جي آزمائش 2008ع ۽ 2009ع ۾ ٿي جنهن کان پوءِ 2011ع ۾ پهرين بيٽريز کي مقرر ڪيو ويو.
ان کان پوءِ ان نظام کي ڪيترائي ڀيران اپ گريڊ ڪيو ويو آهي.
اهو نظام ڪيئن ڪم ڪندو آهي؟
آئرن ڊوم گڏيل طور تي 10 بيٽريز تي ٻڌل نظام آهي جن مان هر هڪ ۾ 3 کان 4 ميزائل لانچر موجود هوندا آهن.
اسرائيلي فوج جي دعويٰ آهي ته انهن بيٽريز کي اهڙن هنڌن تي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن سان اسرائيل جي 60 چورس ميل جي ايراضي تي آبادي کي راڪيٽن، مارٽر ۽ ڊورن وغير کان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ تحفظ ملندو آهي.
اهو سسٽم ايندڙ راڪيٽن، ميزائلن يا ٻين ڪيرائڻ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ ريڊار موجود آهي جيڪو راڪيٽن کي سڃاڻيندو آهي.
ان کان پوءِ جيڪڏهن سسٽم کي لڳندو آهي ته راڪيٽ خطرو بڻجي سگھي ٿو ته ان سان ميزائيل فائر ڪري راڪيٽ کي هوا ۾ تباهه ڪيو ويندو آهي.
اهو سسٽم ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪنهن به هنڌ تي لڳائي سگھجي ٿو ۽ ميزائل انٽرسپيٽرز تيزي سان حرڪت ڪري سگھن ٿا.
ميزائل انٽرسپيٽرز 3 ميٽر ڊگها ۽ 90 ڪلو وزني آهن ۽ 11 ڪلو بارودي مادي کي 4 کان 70 ڪلوميٽر پري تائين موڪلي سگھن ٿا.
هوائي دفاعي نظام جي ابتڙ اهو سسٽم بنيادي طور تي گھٽ بلندي تي اڏام ڪندڙ راڪيٽن کي هدف بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
پر ان جو استعمال اسرائيل کي گھڻو مهانگو پوندو آهي ۽ هر ميزائيل جي قيمت 40 هزار ڊالرز آهي ته حماس جي هزارين راڪيٽن جي جواب ۾ ان جو استعمال اسرائيلي معيشت لاءِ گھڻو مهانگو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.