زينب عباس خلاف پروپئگنڊا ڪندڙ ڀارتي وڪيل جو بيان اچي ويو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي وڪيل وينيت جندال پنهنجي هوڏ جو مظاهرو ڪندي سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو ۽ پاڪستاني پريزينٽر زينب عباس جي ڀارت ڇڏڻ کي وڏي فتح قرار ڏئي ڇڏيو.

مهمانوازي جي روايت کي پائمال ڪرڻ تي ڀارتي وڪيل شرمساري بدران هوڏ جو مظاهرو ڪيو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وڪيل وينيت جندال لکيو ته هو زينب عباس خلاف ترت ايڪشن وٺڻ تي ڀارتي اختيارين جو ٿورائتو آهي.

هن دعويٰ ڪيئ ته زينب عباس کي ڀارت مان ڪڍيو ويو جڏهن ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل( آءِ سي سي ) جي ترجمان پهريان ئي زينب عباس کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي خبرن جي ترديد ڪري چڪو آهي.

ياد رهي ته وينيت جندال پريزينٽر زينب عباس تي ڀارت مخالف ٽوئيٽ ڪرڻ جو پروپئگنڊا ڪئي هئي، وينيت زينب عباس خلاف سائبر ڪرائم ۾ شڪايت ڪئي هئي.

گذريل ڏينهن خبر سامهون آئي هئي ته ورلڊ ڪپ جي پريزينٽر زينب عباس ڀارت کان دبئي پهچي چڪي آهي ۽ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي هن ڀارت ڇڏي ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.