حماس-اسرائيل ڇڪتاڻ، جمائما ڪنهن جي حمايت ڪئي؟

لنڊن (ويب ڊيسڪ) چيئرمين پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي زال جمائما گولڊ سمٿ جي اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ويڙهه کان پوءِ ڪيل ٽوئيٽ وائرل ٿي ويو.

حماس جي مزاحمت ڪندڙن ۽ اسرائيلي فورسز جون جهڙپون چوٿين ڏينهن به جاري آهن، اسرائيل تي حماس جي حملن ۾ مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 100 ٿي ويو آهي.

اسرائيلي صحت واري وزارت موجب 2200 کان وڌيڪ زخمي آهن جن مان 343 سخت زخمي آهن.

انهيءَ دوران جمائما گولڊ سمٿ ايڪس تي فلسطين ۽ اسرائيل مان متاثر ماڻهن خاص ڪري ٻارن جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪندي انهن سان همدردي جو اظهار ڪيو.

جمائما ايڪس تي فلسطيني ۽ اسرائيلي ٻارن جون تصويرون شيئر ڪيون ۽ لکيو ته آئون ان ڇڪتاڻ ۾ ٻنهي پاسن جي معصوم انسانن ۽ خاص ڪري ٻارن سان گڏ بيٺل آهيان.

جمائما ڇڪتاڻ دوران انساني حقن جي ڀڃڪڙي دوران انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي به مذمت ڪئي.

ٻي پاسي جمائما ٽوئيٽر تي فلسطين ۽ اسرائيلي متاثرن جي تصوير شيئر ڪندي انهن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.