خبردار! جلد گرمي پد انساني برداشت کان وڌي ويندو

موسمياتي تبديلين سبب عالمي گرمي پد ۾ ايتري واڌ ٿي سگھي ٿي جيڪو انساني جسم لاءِ قدرتي طور تي برداشت ڪرڻ جوڳو نه هوندو.

اها تنبيهه هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

جرنل پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن عالمي گرمي پد موجودا سطح کان وڌيڪ هڪ ڊگري سينٽي وڌيو ته اربين ماڻهو سخت گرم ۽ خشڪ موسم کي منهن ڏيندا ۽ اسان جو جسم قدرتي طور تي ٿڌو نه ٿي سگھندو.

تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن زمين جو گرمي پد صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ وڌندو آهي ته صحت تي خطرناڪ اثر پئجي سگھن ٿا.

صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ اڃا عالمي گرمي پد هڪ ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ وڌي چڪو آهي.

ان تحقيق دوران سائنسدانن عالمي گرمي پد کي 1.5 کان 4 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ سان پوندڙ اثرن جا جاچ ڪئي وئي.

آمريڪا جي پنسلوانيا اسٽيٽ يونيورسٽي جولاءِ 2023ع ۾ هڪ تحقيقي دوران ٻڌايو هو ته وڌيڪ گھم (50 سيڪڙو کان وڌيڪ) ۽ گرمي پد جي ميلاپ سبب انساني جسم 35 بدران 31 ڊگري سينٽي گريڊ تي پاڻ کي ٿڌو رکڻ ۾ ناڪام ٿيڻ لڳندو آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته خشڪ ۽ گرم موسم ۾ اسان جو جسم پگھر کي بُخار بڻائي پاڻ کي ٿڌو رکڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهي، پر انسان هڪ مخصوص حد تائين ئي پگھر خار ڪري سگھن ٿا.

پر اهڙيءَ طرح موسم ۾ جسم 40 ڊگري سينٽي گريڊ تي به روز مرهه جو ڪم احتياط سان آرام سان ڪري وٺندو آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ گرمي پد گھٽ هجي پر گھم وڌيڪ هجي ته ان سان ان سان دل ۽ ٻين جسماني نظامن تي دٻاءُ وڌندو آهي.

اهڙيءَ طرح مسوم ۾ 30 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي گرمي پد هجڻ تي جسم لاءِ پنهنجو گرمي پد ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.

پر ان نئين تحقيق موجب گرمي پد ۾ 2 ڊگري سينٽي گريڊ واڌ جو مطلب اهو هوندو ته دنيا جا مختلف خطا جهڙوڪ پاڪستان، ڀارت، اوڀر چين ۽ آفريقا جي مختلف حصن گرمي جي برداشت نه ڪرڻ جوڳي شدت معمول بڻجي ويندي.

پر خشڪ هيٽ ويو گھڻي موتمار ثابت ٿيندي خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي اي سي سسٽم تائين پهچي گھڻي عام نه هوندي.

محققن ٻڌايو ته دينا کي خشڪ موسم جي خطرن سان مقابلي لاءِ تيار ٿيڻ گھرجي.

هنن چيو ته ڪچي ٻارڻ جي استعمال ۾ ڊرامائي گھٽتائي آڻڻ جي اشد ضرورت آهي جڏهن ته عوامي صحت جي تحفظ لاءِ قدم به کڻڻا پوندا.

هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪجهه نه ڪيو يو ته غريب ۽ گھٽ آمدني وارن ملڪن کي تباهه ڪندڙن حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو.

سندن چوڻ هو ته گرمي پد ۾ ٻه ڊگري سينٽي گريڊ اضافي جو مطلب اهو هوندو ته سڄي سال ۾ مختلف ڏينهن دوران گرمي جي شدت برداشت نه ڪرڻ جوڳي هوندي جنهن کي هن وقت رڳو ڪجهه ڪلاڪ منهن ڏيڻو پوي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.