”هو به هو ويرات ڪوهلي“ ڀارتي نوجوان جا سوشل ميڊيا تي چرچا، تصويرون وائرل

آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ جتي هڪ پاسي آسٽريليا خلاف ڀارت جي ويرات ڪوهلي جي اننگز جا چرچا آهن اتي ٻئي پاسي ڪوهلي جي همشڪل جون تصويرون ۽ وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارتي شهر چندي ڳڙهه سان واسطو رکندڙ ويرات ڪوهلي جو همشڪل ڪارتڪ شرما پيشي جي لحاظ کان سافٽ ويئر انجينيئر آهي.

ڪارتِڪ شرما نه رڳو صورت ۾ ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي سان هڪجهڙائي رکي ٿو پر سندس ڏاڙهي جو اسٽائيل به ڪرڪيٽر سان ملندڙ جلندڙ آهي.

ڪارتِڪ جي انسٽاگرام اڪائونٽ وزٽ ڪرڻ کانپوءِ اندازو ٿئي ٿو ته هو پاڻ به ويرات ڪوهلي مان تمام گهڻو متاثر آهي، اِهو ئي سبب آهي جو سندس اڪائونٽ تي ڪرڪيٽ کيڏڻ جون به وڊيوز موجود آهن.

ڪارتِڪ جي هڪ وڊيو ۾ هن ٻڌايو ته هو ڪٿي به ويندو آهي ته ماڻهو کيس ويرات ڪوهلي سمجهي ساڻس تصويرون ڪڍرائڻ لڳندا آهن پر هو ڪرڪيٽ جو جنون رکڻ سان گڏوگڏ ويرات ڪوهلي جيان نظر ايندو آهي.

ڪارتِڪ چيو ته سندس خواهش آهي ته هو ويرات ڪوهلي سان ملي کيس ٻڌائي ته هو سندس ڪيڏو وڏو مداح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.