ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومتي سطح تي غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ جي مهلت ڏيڻ کانپوءِ ڪراچي مان افغانين نڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ افغانين جو وڏو انگ آباد آهي، غير قانوني طور رهندڙ دهشتگردي، قبضن، منشيات ۽ هٿيار پهچائڻ جهڙن ملوث ۾ ملوث نڪتا آهن.
وفاقي حڪومت طرفان سڄي ملڪ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهين کي نڪرڻ لاءِ 31 آڪٽوبر جي ڊيڊ لائن ڏني وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڪراچي جي سهراب ڳوٺ مان وڏي انگ ۾ افغان شهرين نڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
Next Post
You might also like