خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ڀرسان ڳوٺ گجو ۾ ڦلپوٽو برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني جي مالڪي تان جهيڙي ۾ پيرسن قتل ٿي ويو، پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، ڳوٺ گجو ۾ ڦلپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران هڪ ڌر جو پيرسن خادم حسين ولد خان محمد ڦلپوٽو قتل ٿي ويو جڏهن ته ٻي ڌر جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ اعجاز حسين ڦلپوٽو، ربنواز ڦلپوٽو، حق نواز ڦلپوٽو، عامر حسين، عمير علي ڦلپوٽو شامل آهن جڏهن ته زخمين ۽ فوتي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو پراڻي زميني تڪرار تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.