6 مئي جي ريلي اسٽيبلشمينٽ کي پيغام ڏيڻ هو: صداقت عباسي

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ و اعلان ڪندي صداقت عباسي  چيو آهي ته 9 مئي جو واقعو عمران خان جي ذهن سازي جو نتيجو هو، 6 مئي جي ريلي اسٽيبلشمينٽ کي پيغام ڏيڻ هو،ڊان نيوز کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو بيانيو مزاحمت بدران مفاهمت جو هو، 9 مئي کانپوءِ خاندان سان گڏ گلگت بلتستان هليو ويو هئس، هڪ مهينو دوست جي گهر رهيس پوءِ گلگت بلتستان هليو ويو هئس، 7 مئي تي فيصلو ٿيو هو ته عمران خان گرفتار ٿيو هو ته سڀني کي نڪرڻو آهي، اها ميٽنگ بشريٰ بي بي جي تجويز تي گهرائي وئي هئي، عمران خان چاهي پيو ته ايترو دباءُ وڌو وڃي پوءِ فوج جو ادارو ڳالهين تي مجبور ٿي وڃي، هن چيو ته اڄ اسان دربدر آهيون، شهباز گل، مراد سعيد، شيرين مزاري عمران خان کي گائيڊ ڪيو، عمران خان جو بيانيو هو ته اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه ڪرڻي آهي، 9 مئي تي اسان سڀني کي لياقت باغ ۾ گڏ ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي، 9 مئي جو واقعو فوج پاڻ نه ڪرايو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.