حب (رپورٽ:يار محمد بروهي ) سوڪ سينٽر ڊپٽي ڪمشنر حب آفيس ويجهو اڻ ڄاتل هٿيار بندن جي ڪيبن تي فائرنگ سبب هڪ شخص مارجي ويو . اڻ ڄاتل هٿيار بند فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ، اطلاع ملندي ئي سٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ، لاش کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ ڪاروائي لاءِ ايڌي ايمبولنس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو . پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي . مارجي ويل شخص عبد الغفور ولد اسماعيل قوم جاموٽ جام ڪالوني جو رهائشي هو .