ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ايس ايڇ آر سي ۽ سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن پاران ڪوٺايل تقريب پڄاڻي تي پهتي، تقريب ۾ مقررن خطاب ڪندي چيو ته ٻارن جي اسمگلنگ هڪ وڏومسئلو آهي جيڪو بيشمار نوجوان زندگين کي متاثر ڪري ٿو ۽ اهو وقت آهي ته سڀئي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز گڏ ٿين ۽ موقف اختيار ڪن، تازو خيرپور ۾ فاطمه ڦورو ڪيس سامهون آيو آهي، مقررن ٻارن جي اسمگلنگ خلاف جنگ ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو، سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال احمد ڊيٿو زورڏيندي چيو ته اسان جي سماج مان انهن ناانصافين جي خاتمي لاءِ مشن جي تڪميل جي ضرورت آهي، پراسيڪيوشن تمام ڪمزور آهي ۽ حڪومت کي ان تي ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻارن جي هقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن سينيٽر عائشه رضا فاروق حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي، هن چيو ته غربت انسان کان سڀ ڪجهه ڪرائي ٿي، غربت اڪثر ڪري والدين کي مجبور ڪري ٿي ته هو پنهنجن ٻارن کي ڪم تي موڪلين، پنجاب چائلڊ پروٽيڪشن بيورو چيئرپرسن ساره نشاندهي ڪئي ته ٻارن سان جنسي زيادتي ۽ اسمگلنگ وڏو عالمي مسئلو آهن، جيڪي تمام ترقي يافته ملڪن کي به متاثر ڪري رهيا آهن، سيد ڪوثر عباس ٻارن جي اسمگلنگ جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ٻارن جي غلامي ۽ چائلڊ اسمگلنگ جا وڌندڙ ڪيس پاڪستان ۾ چائلڊ ليبر تي پابندي ۽ ٻارن جي اسمگلنگ ۽ غلاميءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي اجتماعي ڌيان ۽ عمل جي تقاضا ڪن ٿا، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس فار زون ايسٽ ڪراچي اظفر مهيسر چيو ته ڪجهه ڪيسن کي مناسب نموني سان حل نه ڪيو ويو، هن تسليم ڪيو ته جڏهن قانون موجود آهن ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي هم آهنگي مسلسل بهتر ٿي رهي آهي، اتي اڃا ڪم ڪرڻو آهي.