زوب ۾ چڪريون، 5 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر ۽ حوالدار شهيد

راولپنڊي (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي زوب ۾  سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ميجر ۽ حوالدار شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز زوب ضلعي جي علائقي سمبازا ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ۽ دهشتگردن کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته آپريشن جي قيادت ڪندڙ ميجر سيد علي رضا شاهه ۽ حوالدار نثار احمد بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.