عمران جي شڪايت تي اڊيالا جيل ۾ ڪمرو وڏو ڪرڻ جي هدايت

راولپنڊي(م ڊ) سائفرڪيس ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان شڪايت ڪئي آهي ته اڊيالا جيل جو سيل اٽڪ  جيل کان ننڍو آهي. ذريعن موجب اڊيالا جيل ۾ سڪيورٽي ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي عدالت جي ڀرپاسي واري ڪمري ۾ آندو ويو، عدالت جي ڪمري ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي گڏجي ڪرسي تي ويهاريو ويو.  ذريعن موجب پوليس آفيسر عدالت ۾ بيان ڏنو ته اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو سيل اٽڪ جيل کان ننڍو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.