تڪ بنديون: اعتراض جمع ڪرائڻ لاءِ هدايت نامو جاري

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن شروعاتي تڪ بندين تي اعتراض جمع ڪرائڻ لاءِ هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اي سي پي طرفان جاري ڪيل هدايت نامي مطابق درخواست ڏيندڙ جو لاڳاپيل  چونڊ تڪ جو ووٽر هجڻ ضروري آهي، اعتراض اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري نالي هوندا ۽ انهن تي درخواست گذار جي صحيحي هجڻ لازمي آهي. اعتراض درخواست گذار پاڻ يا لکت ۾ جمع ڪرائي سگهي ٿو. هدايت نامي مطابق ڪوريئر سروسز، فيڪس يا اي ميل ذريعي اماڻيل اعتراض قابل قبول نه هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.